ايف بي آر شهباز شريف جي اثاثن ۽ ٽيڪس جا تفصيل نيب کي ڏئي ڇڏيا

لاهور(م ڊ) ايف بي آر اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي سمورن اثاثن ۽ ٽيڪس جي معاملن جي سموري تفصيل نيب جي حوالي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب آشيانه هائوسنگ سوسائٽي فراڊ ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب ايف بي آر کان شهباز شريف جي مڪمل ملڪيت ۽ ٽيڪس ادائيگين جو ريڪارڊ گهري ورتو. ايف بي آر اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان 1997ع کان 2018ع تائين سمورا اڪائونٽ ۽ ملڪيت جو ريڪارڊ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل ملڪيت، بينڪ اڪائونٽ، استعمال هيٺ گاڏيون جو ريڪارڊ ملڻ بعد نيب ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن ميان شهباز شريف جي ظاهر ڪيل تفصيل ۾ ڪا به تبديلي ٿي ته پوءِ ان حوالي سان نيب ان کان جاچ ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *