ڪراچي (اين اين آءِ) قانون اطلاع ۽ اينٽي ڪرپشن جي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صدر ۽ وزيراعظم جي نوٽيس جي باوجود ٿر جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت ڪائي مدد ناهي ڪئي سنڌ حڪومت پنهنجي مدد پاڻ تحت ٿر جي عوام جي مدد ڪري رهي آهي پي ٽي آءِ حڪومت وٽ معاشي ۽ معاشرتي پلان نه آهي عمران خان چيو هو ته آءِ ايم ايف ڏانهن نه ويندس هاڻي هو پاڻ فيصلو ڪري حڪومت وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ يوٽرن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو تحريڪ انصاف جي پاليسين مان ظاهر ٿي ويو آهي ته اهي ڪيترا سنجيده آهن پي ٽي آءِ صرف مهانگائي ۽ گئس ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ جو طوفان آندو اها ڳالهه هن اڱاري تي پنهنجي آفيس ۾ نيوڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ٿر جو دورو ڪري اتان جي حالتن جو جائزو ورتو آهي آر او پلانٽس کان وٺي اسپتالن، بنيادي صحت جا مرڪز، ڪڻڪ، ذخيرو ڪرڻ لاءِ مختلف گوڌامن علائقي واسين سان صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي زميني حقيقتن جو جائزو ورتو اسان جي دور دوران ٿرپارڪر مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر قاسم سراج سومرو ۽ ٻيا به هئا هن چيو ته 15 آگسٽ تائين برساتون نه ٿين ته ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏنو وڃي ٿو سنڌ حڪومت ٿر کي بروقت علائقي کي ڏڪار سٽيل قرار ڏنو ۽ ڪڻڪ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ٿر جي ماڻهن کي رليف ملي سگهي نادرا کان رڪارڊ گهرائي 2 لک 8 هزار 246 گهراڻن کي ڪڻڪ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ٿر جي ماڻهن سان ملي خبر پئي ته ٻه لک 80 هزار گهراڻن کي ڪڻڪ ورهائي وڃي اسان انهن جي درخواست تي روينيو کاتي کان رڪارڊ گهرايو ۽ وڌيڪ 67 هزار گهراڻن کي ڪڻڪ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ٿر ۾ 366 پوائنٽس تي ڪڻڪ ورهائي ويندي ته جيئن ماڻهن کي ڏورانهين علائن ۾ نه اچڻو پوي حڪومت ساليانو 52 هزار گهراڻن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موجب ڪڻڪ ۽ دال ورهائي ٿي گودام ۾ وڃي اسان ڪڻڪ جو معيار چيڪ ڪيو ان ۾ ڪڻڪ هئي وزن ڪندڙ مشينن تي ٻوري جو وزن چيڪ ڪيو جيڪو پورو 50 ڪلو هو هن چيو ته ٿر جي ماڻهن اسپتالن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتون تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير ٿر جي آر او پلانٽس کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ اڱاري جي صبح ڪمشنر ميرپورخاص رپورٽ ڏني ته آر او پلانٽس بحال ٿي چڪا آهن ملڪ ۾ ڊيمن جو چرچو آهي سنڌ حڪومت 18 ڊيم ٺاهيا آهن جن مان هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته پاڻي جي معاهدي موجب سنڌ کي پاڻي نه پيو ملي جنهن سان نه صرف ٿر پر سڄي صوبي ۾ زرعي پاڻي جي صورتحال چڱي نه آهي هن چيو ته سرڪاري دوائن جي خانگي ميڊيڪل اسٽورز تي وڪرو جي اطلاعن جو نوٽيس ورتو آهي ٿر جي آر او پلانتس کي هلائڻ جي حڪمن تي عمل شروع ٿي ويو آهي. فنڊ جاري نه ٿيڻ سبب آر او پلانٽس بند هئا ٿر ۾ سنڌ حڪومت 18 ننڍا ڊيم ٺاهيا هن چيو ته اسان افغانستان جي عوام کي نه پر ٿر جي ماڻهن کي ڪڻڪ ڏني هئي هن چيو ته برسات نه ٿيندي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ورهائيندي برسات جو اختيار سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ نه آهي ٿر ۾ ٻارڙن کي دوائون ۽ ميڊيڪل سهولتون فراهم ڪرڻ موبائيل پيڊياٽرڪ يونٽ قائم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جي نوٽيس جي باوجود وفاق پاران ٿر ۾ ڪائي امداد ناهي پهچائي ويئي افسوس جو وفاق ٿر جي ماڻهن کي نظرانداز ڪري افغانستان ڪڻڪ موڪلي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ڪائي پاليسي نه آهي مهانگائي جو طوفان کڻي اچي رهيا آهن پي ٽي آءِ صرف ڳالهين تي يقين ڪيو آهي عملي طور عوام کي ڪجهه به ڏيڻ ۾ ناڪام آهي.