نيو سعيد آباد ۾ شاگردياڻي جي والد سان بداخلاقي ڪندڙ ڪلارڪ برطرف، ٻيو معطل

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه نيو سعيد آباد ڊگري ڪاليج جي ڪلارڪ کي شاگردياڻي جي والد سان توهين جوڳو رويو اختيار ڪرڻ تي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو. سردار شاهه ڪاليج جي ڪلارڪ پاران شاگردياڻي جي والد سان شرم جوڳو رويو اختيار ڪرڻ تي ڪلارڪ ۽ والد کي پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو جنهن تي حيدرآباد ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز، ڊگري ڪاليج جي انتظاميه ۽ والد صوبائي وزير سامهون پيش ٿيا. تعليم واري وزير ڪلارڪ جانب ڪيريو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پاڻ کي بادشاهه سمجهين ٿو، تون کي عهدو مليو آهي ته عزت ڪر. شاگردياڻي جي والد ظفر الله ميمڻ تعليم واري وزير کي انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته منهنجا 3 ٻارڙا ڪاليج ۾ پڙهي رهيا آهن جنهن ۾ 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ شامل آهي، مان پنهنجي وڏي نياڻي لاءِ ايم اي جو فارم وٺڻ ويس ته ڪلارڪ فارم ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته مان ڪلارڪ جي شڪايت پرنسپال کي ڪئي ته هن ڪلارڪ کي ڇنڊ پٽي پر ڪلارڪ سميت سموري عملي بي عزت محسوس ڪندي مون کي ڌمڪيون ڏنيون، پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل لاءِ ڪلارڪ جي پيرن تي پيس. تعليم واري وزير سردار شاهه ڪلارڪ آغا جانب ڪيرئي کي برطرف ڪيو، جڏهن ته ٻئي کي معطل ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *