روم ( م ڊ ) اٽلي چيو آهي ته جيڪڏهن جرمني مهاجرن جي گروپ کي موڪليو ته جواب ۾ اسان سمورا هوائي اڏا بند ڪري ڇڏينداسين. رپورٽن موجب مهاجرن جي ڏي وٺ تي اٽلي ۽ جرمني جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري ويا آهن. اٽلي جرمني کي هوائي رابطا معطل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطالوي گهرو وزير ماتيو سالويني واضح ڪيو آهي ته جرمني مهاجرن کي واپس اٽلي موڪلڻ تي پنهنجي مبينا منصوبي تي عمل درآمد ڪيو ته جرمني لاءِ پنهنجا سمورا هوائي اڏا بند ڪري ڇڏينداسين. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ماريو سالويني جو وڌيڪ چوڻ هوته اٽلي جرمني لاءِ پنهنجي بندرگاهه اڳواٽ ئي بند ڪري چڪو آهي ۽ جرمني وڌيڪ مهاجرن کي موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايئرپورٽن کي به بند ڪيو ويندو. ياد رهي ته اطالوي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ جرمني حڪومت تي چارٽرڊ جهاز ذريعي پناهگيرن کي موڪلڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو پر اڃان تائين جرمني حڪومت نه انهن خبر جي ترديد ڪئي آهي نه تصديق ڪئي آهي