نيب شهباز شريف جي صبح تازي هوا ۾ وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نيب جي حراست ۾ سڄي رات گهمندي ڦرندي گذاري. آشيانه هائوسنگ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ آهي. ذريعن موجب شهباز شريف نيب جي قيد ۾ ٻئي رات دير تائين جاڳندي گذاري. شهباز شريف قيد ۾ گهمندي سادو کائڻ تي ئي گذارو ڪيو. نيب جي طبي ٽيم مسلم ليگ ن جي صدر جي شوگر ليول ۽ بلڊ پريشر چيڪ ڪيو ۽ شهباز شريف جي صحت کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو آهي. شهباز شريف صبح سان اٿي تازي هوا ۾ اٿي وڃڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي منظور نه ڪيو ويو.ذريعن موجب نيب جي جاچ ٽيم اڃا تائين شهباز شريف کان ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *