اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري خوشي ڏيندڙ آهي پر اِها پهرين گرفتاري آهي اڃان وڌيڪ گرفتاريون به ٿينديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، شهباز شريف جي گرفتاري خوشي ڏيندڙ قدم آهي، اِها پهرين گرفتاري ناهي اڃان وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻيون آهن. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڦريندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ احتساب جو عمل وڌيڪ اڳتي ويندو، حڪومت نيب کي هر وقت هر طرح جي مدد ۽ سهڪار لاءِ تيار آهيون