شهباز شريف جي ان انداز ۾ گرفتاري پارليامينٽ جي توهين آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي ان انداز ۾ گرفتاري پارليامينٽ جي توهين آهي. نيب طرفان آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت انتقامي ڪارروائي کان پاسو ڪري. خورشيد شاهه شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته 100 ڏينهن واري پروگرام جي ناڪامي تي حڪومت اهڙا بندوبست کڻي رهي آهي.  پ پ اڳواڻ چيو ته شهباز شريف جي ان انداز ۾ گرفتاري پارليامينٽ جي توهين آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *