ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گذريل سال برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 سالن جي ٻار اذان جي موت بابت درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي سي اي او ۽ چيئرمين جي خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي ٻڌڻمي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي خميس تي گذريل سال برسات ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 ورهين جي ٻار اذان جي موت بابت ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي سي اي او طيبت ترين ۽ چيئرمين سيد وقار علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي درخواست ڏيندڙ مطابق سدو سنئون سي اي اوجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم قانون مطابق نه آهي اذان جي گهرڀاتين عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سان اذان جو موت ٿيو ڪي اليڪٽرڪ برساتن ۾ شهرين کي ڪرنٽ کان بچائڻ لاءِ انتظام نه ڪيا عدالت ڪي اليڪٽرڪ عملدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي ٻڌني 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
Author Details
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply