اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان معذرت کانپوءِ ٻيهر بيان بازي تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. فواد چوڌري سينيٽ اجلاس ۾ آيو ته اپوزيشن ميمبرن طرفان ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو ۽ وفاقي وزير کان پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو اسان کي ٻڌايو ويو هو ته وفاقي وزير ايوان ۾ اچي معافي گهرندو. سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز چيو ته اسان مناسب سمجهيو ته وزير اچي معذرت يا وضاحت ڪري. فواد چوڌري چيو مان وضاحت ڏيان ٿو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته اڳ ۾ توهان معذرت ڪيو. فواد چوڌري چيو مان ڪهڙي ڳالهه جي معافي وٺان، ڇا ڦورو کي ڦورو نه چوان. سينيٽر مشاهد الله خان مطالبو ڪيو ته وفاقي وزير کي ايوان کان ٻاهر ڪڍو، جڏهن ته سينيٽر اعظم موسيٰ خيل، فواد چوڌري کان هٿ ٻڌي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو. سڌ سماءَ واري وزير چيو جڏهن مان قومي اسيمبلي ۾ معذرت ڪئي ته ماڻهن تنقيد ڪئي، قومي ناڻو ڦريو ويو، مان معذرت ڇو ڪيان، پي آءِ اي سان ڇا ڪيو ويو، خاندان کي ڀرتي ڪيو ويو، ڦورو کان معذرت ڇو ڪيان. ن ليگ چيئرمين راجا ظفر الحق چيو ته سينيٽ چيئرمين چئي ڇڏيو اڳ معذرت ڪيو، پوءِ عمل ٿيڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين فواد چوڌري کي ايوان کان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏيندي ڪارروائي 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، پوءِ وفاقي وزير ايوان ۾ اچي معذرت ڪئي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين کيس خيالن جو اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏني. فواد چوڌري چيو ته ملڪ جا ادارا ان ڪري تباهه ٿيا، ڇو ته ضابطن خلاف ترقيون ڪيون ويون. هن هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽر مشاهد الله کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سندس ٻن ڀائرن کي پي آءِ اي ۾ وڏا عهدا ڏنا ويا. سينيٽ چيئرمين فواد چوڌري کي ان حوالي سان ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته توهان جڏهن معذرت ڪري ڇڏي آهي ته معاملو ختم ٿي ويو پر فواد چوڌري روڪڻ باوجود ڳالهائيندو رهيو. سندس خاموش نه رهڻ تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ايوان جي ڪارروائي جمعي جي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ کي عوام چورن جي احتساب لاءِ ووٽ ڏنو هو، پي آءِ اي 356 ارب رپيا ۽ اسٽيل ملز 2 سئو ارب رپيا نقصان ۾ آهي، قومي ادارن تي هڪ ٽريلين رپين کان وڌيڪ خسارا آهن. هن الزام هڻندي چيو ته مشاهد الله خان پي آءِ اي ۾ لوڊر ڀرتي ٿيو ۽ نواز شريف جو سامان کڻندي کڻندي سينيٽر بڻجي ويو، هو ڪڏهن ڪائونسلر به نه بڻيو ۽ ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته مشاهد الله جو ڀاءُ مجاهد الله، راشد الله ۽ ساجد الله پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا، ن ليگ جي حڪومت ايندي ئي مشاهد الله جي ڀائرن کي نيو يارڪ ۽ لنڊن ۾ اسٽيشن هيڊ لڳايو ويو، نشاندهي ڪرڻ تي چيو ويو ته سينيٽ جي ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسين، مشاهد الله جهڙن ماڻهن جي ڪري عوام سياست کي سٺو ناهي سمجهندو، اهڙا ماڻهو پاڪستاني سياست تي ڪارو چُٽو آهن. فواد چوڌري چيو ته سينيٽ چيئرمين مون کي حقيقتون بيان ڪرڻ کان روڪي جابنداري جو مظاهرو ڪيو، ڇا اسان کي ملڪ چيمبرز سان هلائڻو آهي جو معذرت ڪيون، اسان کي عوام ٺاهه جي سياست لاءِ ووٽ ناهي ڏنو، اسان اهڙن ماڻهن کي وائکو ڪندا رهنداسين، باقي فيصلو عوام ڪندو. سندس چوڻ هو ته مشاهد الله پنهنجو سڄو ڪٽنب پي آءِ اي ۾ ڀرتي ڪرايو، مان پنهنجي بيان تي معذرت ڪئي هئي ته هن ٽن ڀائرن کي ڀرتي ڪرايو پر هاڻ ته 6 ڄڻن جا نالا سامهون آيا آهن، ان کانسواءِ مشاهد الله پنهنجي خاندان جي عورتن کي به پي آءِ اي ۾ ڀرتي ڪرايو، مان پي آءِ اي جي آفيشل رپورٽ نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪلي رهيو آهي، هاڻ اهي ئي جاچ ڪندا