ايندڙ ٻه مهينا اهم آهن، پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت هوندي: راڻا مشهود جي دعويٰ

لاهور (م ڊ ) ن ليگ اڳواڻ راڻا مشهود دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن مهينا اهم آهن ۽ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هوندي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا مشهود حڪومت ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جنهن طرح پي ٽي آءِ کي اڪثريت ڏني وئي ان جي سڄي دنيا کي خبر آهي ۽ هاڻ اها سوچ پيدا ٿي رهي آهي ته اهي ماڻهو ڊليور نه ڪري سگهيا ۽ اهو به احساس ٿي رهيو آهي ته چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو غلط ٿيو. راڻا مشهود ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته کين سمجهه اچي وئي آهي ته شهباز شريف ئي بهترين چوائس هو، چونڊون کٽيندڙ پارٽي کي گهوڙو سمجهو ويو پر اها خچر نڪتي. راڻا مشهود  ادارن سان ڊيل بابت پنهنجي تازي انٽرويو ۾ وضاحت ڪندي چيو ته ڪنهن ڊيل جي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، ادارن جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ان جي بنياد تي ڳالهائي رهيو آهيان پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هوندي. هن چيو ته ايندڙ ٻه مهينا تمام گهڻو اهم آهن ان دوران ننڍي چونڊ به ٿيڻي آهي، عدالت يا عوام ذريعي موجودا حڪومت جو خاتمو ٿيندو. راڻا مشهوڊ تحريڪ انصاف جي قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته هنن وٽ ماهر ماڻهو آهن پر جهانگير ترين لاءِ ڀاڻ ۽ کنڊ کي مهانگو ڪيو ويو ، پيٽرول ۽ گئس به مهانگو ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *