واشنگتن (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي هاڻوڪي صورتحال تي پاڪستان تي الزام لڳائڻ ٺيڪ نه آهي پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي هڪ انٽرويو ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند رهيا آهن ۽ پاڪستان انهن لاڳاپن کي ٺيڪ ڪرڻ جو خواهشمند آهي هن واضح ڪيو ته افغانستان جي هاڻوڪي صورتحال تي پاڪستان تي الزام لڳائڻ ٺيڪ نه آهي.