ڪراچي(م ڊ) شهر ۾ گذريل 9 مهينن ۾ شهري هڪ هزار 59 گاڏين ۽ 20 هزار 5 سئو موٽر سائيڪلن کان محروم ٿيا، ڏوهارين جي پريشان ڪندڙ انگ اکر ڪراچي جي آپريشن تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيا. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ عروج تي آهي، ڦورو رات ئي نه پر ڏينهن ڏٺي جو به وارداتون ڪري نڪري ويندا آهن، ڏوهن جي انگن اکرن ڪراچي آپريشن جي پت وائکي ٿي. شهر ۾ ڦورن جي راڄ سبب ڏينهن جو دڪان لٽبا آهن ته ڪٿي ڪنهن جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ٿيندي آهي، ڪٿي واٽهڙا موبائيل فون کان محروم ٿي ويندا آهن ته ڪٿي ڪنهن کان گاڏي ڦرجي ويندي آهي. گذريل 9 مهينن ڀنگ لاءِ اغوا، بينڪ ڦريندڙ ۽ قاتل به سرگرم رهيا، ان دوران اغوا جون 7 وارداتون رپورٽ ٿيون، جڏهن ته 3 بينڪ لٽيا ويا، مختلف وارداتن ۾ 229 شهري به قتل ٿيا. اسٽريٽ ڪرمنل پنهنجي مسلسل وارداتن جي ذريعي ڪراچي پوليس ۽ رينجرز جي لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويا آهن، ڏوهن جي خاتمي لاءِ اجلاس تي اجلاس، ڇاپن تي ڇاپا، گرفتاريون ۽ دعوائون بيڪار ثابت ٿيون