اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد، اي جي مجيد ۽ حسين لوائي کي ميڊيڪل رپورٽس جي بنياد تي اسپتال مان جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد، سندس پٽ اي جي مجيد ۽ حسين لوائي جون ميڊيڪل رپورٽس عدالت ۾ جمع ڪرايون. هن عدالت کي ٻڌايو ته ٽنهي جون ميڊيڪل رپورٽس اچي چڪيون آهن، ميڊيڪل بورڊ انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کي جيل منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڪميٽي رپورٽ سان گڏ پنهنجون سفارشون به ڏنيون آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انور مجيد جاچ ۾ وڃي سگهي ٿو. رپورٽ تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هو تاحيات بيمار ناهن، الله خير ڪري اهڙي حالت ناهي جو اهي بستر سان چنبڙي ويا آهن، وڪيل ٻڌائي ته انور مجيد کي سرجري ڪڏهن ڪرائڻي آهي؟ جيڪڏهن سرجري ڪرائڻي آهي ته ڪرائي ڇڏيو اسان کي اعتراض ناهي، نه ته جيل موڪلي ڇڏيو، ٻڌائي ڇڏيو ته انور مجيد کي اسپتال ۾ رهڻو آهي يا جيل ۾؟. جسٽس اعجاز الاحسن چيو في الحال ته انور مجيد اوپن هارٽ سرجري ڪرائي ئي نه پيو، سرجري لاءِ ڊاڪٽرن جي هدايتن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن انور مجيد کي ڪو مسئلو ٿيو ته ان جي هارٽ سرجري ڪرائي ويندي، ڇا انور مجيد سرڪاري مهمان آهي؟ کيس جيل منتقل ڪري ڇڏيو، ڏيڍ مهيني کان موجون لڳل آهن، مون کي ياد ناهي ته ڪنهن کي ايترو عرصو ڪارڊيالاجي سينٽر ۾ رکيو ويو هوندو، جيترو انور مجيد کي رکيو ويو. اومني گروپ جي وڪيل شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته عبدالغني مجيد جي هيموگلوبن به گهٽجي وئي آهي، کيس هيومورائيڊ جي سرجري ڪرائڻي آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته سرجري ڪرائڻ تي اسان جو ۽ توهان جو اختلاف ناهي، بي شڪ سرجري ڪرايو پر اڳ ٻنهي جي جيل موڪليو ۽ هيومورائيڊ بيماري ته ڪريم سان به ٺيڪ ٿي ويندي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته انور مجيد کي دل جو ڪو مسئلو ٿيو ته آهي ئي ڪونه، هو صحتمند آهي، ميڊيڪل رپورٽ موجب انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد ٻئي اسپتال ۾ نٿا رهي سگهن. جسٽس ثاقب نثار ڊي جي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته بشير ميمڻ صاحب جڏهن سرجري جو وقت هجي ته انهن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏجو ۽ حسين لوائي ته آهي ئي فٽ، کيس ڪو مسئلو ناهي رهيو. عدالت انور مجيد، عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي کي اسپتال مان فوري طور جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي معاملو اُڪلائي ڇڏيو.