پاڪستان ۾ 14 لک افغان پناهگير رهن ٿا؛انگ اکر جاري

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر وصول ٿي ويا آهن، جنهن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 14 لک افغان پناهگير موجود آهن. پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن بابت وصول ٿيل انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ اندر مهاجر ڪئمپن ۾ رهندڙ افغان شهرين جو انگ 4 لک 45 هزار 131 آهي، جڏهن ته 9 لک 41 هزار 854 ڪئمپن کان ٻاهر رهن ٿا. وفاقي حڪومت کي وصول ٿيل دستاويزن موجب پاڪستان ۾ مجموعي طور 13 لک 86 هزار 985 افغاني رهندڙ آهن. سڀ کان وڌيڪ افغان شهري خيبر پختونخواهه ۾ آباد آهن، جتي سندن انگ 7 لک 97 هزار 838 ٻڌايو ويو آهي، جن مان 4 لک 16 هزار 472 افغاني ڪئمپن کان ٻاهر آهن. فاٽا ۾ هڪ به مهاجر ڪئمپ ناهي ۽ اتي 13 هزار 772 افغاني موجود آهن. افغان شهرين جي ٻئي نمبر تي اڪثريت بلوچستان ۾ آهي، جتي 3 لک 16 هزار 101 افغاني رهن ٿا، جن مان 2 لک 67 هزار 616 ڪئمپن کان ٻاهر آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ هڪ لک 59 هزار 202 افغاني موجود آهي ۽ اتي ڪا به مهاجر ڪئمپ ناهي، جڏهن ته سنڌ ۾ موجود افغانين جو انگ 63 هزار 151 آهي ۽ اسلام آباد ۾ 33 هزار 40 افغاني رهن ٿا. هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 876 افغان شهري آباد آهن، جڏهن ته اترين علائقن ۾ موجود افغانين جو انگ رڳو 5 آهي.2

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *