لوئر دير (م ڊ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر پختونخواهه جي علائقي تيمر گرا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پ پ ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو نه بڻجندي، پ پ تي اپوزيشن کي ٽوڙڻ جو الزام غلط آهي، اسان پنهنجي پاليسي موجب اپوزيشن ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت کي ڪم ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ملڻ گهرجي، سٺن ڪمن جي تعريف ۽ عوام دشمن پالسين جي مخالفت ڪنداسين. ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڀارت خطي ۾ امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿو پر خبردار رهي ته پاڪستان جو بچاءُ مضبوط هٿن ۾ آهي.