ريگستاني ٿر مان حرڻ جو ناياب نسل ختم ٿيڻ لڳو،با اثر شڪارين پاران ناياب نسل جي حرڻ جو شڪار سرعام ڪرڻ لڳا

خيرپور (  رپورٽ : شاهدنواز سيال) خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي جي ريگستاني ٿر مان حرڻ جو ناياب نسل ختم ٿيڻ لڳو،با اثر شڪارين پاران ناياب نسل جي حرڻ جو شڪار سرعام ڪرڻ لڳا هڪ هفتي اندر100 کان وڌيڪ حرڻ شڪارين جي بندوقن جو نشانو بڻجي ويا، ،وائيلڊ لائيف کاتو به ڪرپشن جي ور چڙهيل، ضلعي  انتظاميان اگهور ننڊ ۾ ستل،علائقي واسين جو اعليٰ اختيارن کان نوٽيس جي گهر، لاڳاپيل ادارن جي عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي  حرڻ جي ناياب نسل کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي، خبر موجب سنڌ ۾ وڏي ايراضي رکندڙ خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي جي ريگستاني علائقي ڪوٽ جبو  مان حرڻ جو ناياب نسل ختم ٿيڻ لڳو، با اثر زميندار، سياسي اڳواڻ، سرادار،وڏيرا شڪاري بڻجي ڏينهن توڙي رات جو سري عام ناياب نسل جي حرڻ کي بندوقن جو نشانو بڻائي مقابلن ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آهن، گزريل هڪ هفتي اندر 100 کان وڌيڪ ناياب نسل جا حرڻ شڪارين جو نشانو بڻجي چڪا آهن، زريعن جو چوڻ آهي ته وائليڊ لائيف کاتي جا عملدار پڻ شڪارين کان هزارين روپيا رشوت وٺي ملي ڀڳت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آهن جنهن جي ڪري وائيلڊ لائيف کاتو پڻ ڪرپشن جي ور ڇڙي چڪو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميان به اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، ان سلسلي ۾ نارا تعلقي جي رهواسين قربان نظاماڻي، اڪبر علي، سميع الله، سيرو مل ، هريش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور غيرقانوني طور شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف سخت قانوني قدم کڻي، ۽ حرڻ جي ناياب نسل کي بچائڻ لاء بچائڻ لاء جوڳا اپاء ڪري، ۽ وائلڊ لائيف کاتي کي بدنام ڪنڙ ڪارين رڍن خلاف قانوني قدم کڻي وائلڊ لائيف کاتي کي تباهه ٿيڻ کان بچايووڃي ،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *