وزيراعظم هائوس ۾ نيلام ڪيل گاڏيون مارڪيٽ قيمت کان وڌيڪ وڪرو ٿيون، فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ نيلام ڪيل گاڏيون مارڪيٽ قيمت کان وڌيڪ وڪرو ٿيون گاڏين جي نيلامي سان حاصل ٿيندڙ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي سومر تي پارليمينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري فواد چيو ته اسان عوام کي رليف ڏينداسين ۽ عوام جي زندگي جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ هن وقت تائين 70 گاڏيون نيلام ٿي چ ڪيون اهن انهن گاڏين جي نيلام ٿيڻ سان حاصل ٿيندڙ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن مطابق اسان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي گورنر هائوسز کي به عوام لاءِ کوليو ويو آهي پهريون ڀيرو عام ماڻهن گورنر هائوسز کي ڏٺو هن چيو ته اسان عوام کي رليف ڏينداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي پيٽروليم جي وزير غلام سرور خان چيو ته اي سي سي جو اجلاس ٿيو آهي 2013 ۾ گئس ڪمپنيون منافعي ۾ هلي رهيون هيون هن چيو ته 2018 ۾ گئس ڪمپنين کي 152 ارب رپين جو خسارو آهي. پيٽروليم جي وزير چيو ته بارڻ لاءِ 60 سيڪڙو صارفين ايل پي جي ۽ ٻيا ذريعا استعمال ڪن ٿا هن چيو ته گئس جي قيمت ۾ پهريان 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي صارفين لاءِ گئس جي ٽين سليب ۾ 19 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي هن چيو ته گئس جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ وڏن صارفين لاءِ ڪئي ويئي آهي غلام سرور خان چيو ته ايل پي جي تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري 10 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳايو ويو آهي ايل پي جي جي في سلينڊر قيمت ۾ 200 رپيا لاٿ ڪئي ويئي آهي غلام سرور خان چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت مختلف صنعتن لاءِ گئس جي قيمت ناهي وڌائي ويئي هن چيو ته ايل اين جي صارفين کي اربين رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. پيٽروليم وزير چيو ته پهريان پنجاب جو صارف مهانگي گئس خريد ڪري رهيو هو سنڌ ۽ ڪي پي ڪي صارفين کي گئس گهٽ قيمت تي دستياب هئِي هن چيو ته گذريل حڪومت جو ايل اين جي معاهدو ڳجهو رکيو ويو معاهدي جي ايف آءِ اي ۽ نيب جاچ ڪري رهيا آهن هن چيو ته شفاف معاهدن کي ڪڏهن به ڳجهو ناهي رهيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *