اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدارن انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي طبي چڪاس لاءِ سرجن جنرل پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جعلي اڪائونٽس جي ذريعي مني لانڊرنگ جا جوابدار انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي طبي معائني لاءِ ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ جناح اسپتال ڪراچي جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر سيمي جمالي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌني ۾ چيف جسٽس سيمي جمالي سان ڳالهايو ته سيمي جمالي مان اوهان کي ايترو ڪمزور نه سمجهندو هيس جڏهن به توهان عدالت ۾ آيا مان اوهان کي سپورٽ ڪيو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هڪ مريض جي تشخيص نه پئي ٿئي مان ان ڏينهن اوهان جي عزت رکي مان ايم آر آءِ مشين وٽ نه ويس ان مشين جي اندر ڪير هو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جي پائلز جو علاج نه پيو ٿيو ڇا هي سنڌ حڪومت جي ناڪامي نه آهي مون کي سنڌ حڪومت بابت ريمارڪس ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو هن چيو ته سنڌ حڪومت انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي آزاداڻي معائني کان ڇو گهٻرائي رهي آهي چيف جسٽس چيو ته اسان سرجن جنرل آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جو معائنو سرجن جنرل ڪندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پائلز جو علاج ڪيترن ڏينهن ۾ ٿيندو آهي مان ڪائي هوميو پيٿڪ دوا اماڻي ڇڏيان ٿو عائشه حامد عدالت کي ٻڌايو ته معاملو لاڳاپيل عدالت ۾ آهي سپريم ڪورٽ کي هن معاملي ۾ نه اچڻ گهرجي چيف جسٽس ان کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت ڇو گهٻرائي رهي آهي جنهن تي عائشه حامد چيو ته سنڌ جو معاملو آهي ته پوءِ پنجاب جا ڊاڪٽر ڇو چيڪ ڪن جسٽس عمر عطا عائشه حامد کي ڇنڊ پٽي ته اوهان هن معاملي ۾ صوبائيت کي نه آڻيو چيف جسٽس چيو ته سان جوابدارن کي اسلام آباد آڻينداسين جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي طبي چڪاس لاءِ سرجن جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.