ڪراچي گهڻو پوئتي رهجي ويو، ان کي ترقي يافتا شهر بڻائڻو آهي: عمران خان

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي، ان کي ترقي يافتا شهر بڻائڻو آهي. اسٽيٽ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ انفرا اسٽرڪچر جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، وفاق طرفان جيڪو سهڪار گهربل هوندو اهو فراهم ڪيو ويندو، شهر جي سونهن ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسٽيٽ هائوس ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، وڏي وزير مراد علي شاهه، ڪور ڪمانڊر، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي ۽ انٽيليجنس ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جنهن جي شروعات هن قائداعظم جي مزار تي حاضري سان ڪئي، جتي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو، وزيراعظم قائداعظم جي مزار تي فاتح خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي، جنهن بعد وزيراعظم محترما فاطما جناح ۽ لياقت علي خان جي مزارن تي پڻ فاتح خواني ڪئي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. وزيراعظم پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري دوران ڊيم فنڊ لاءِ رٿيل رات جي ماني ۾ شرڪت ڪندو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *