نئين پاڪستان لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو: عثمان بوزدار

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو نظريو پاڪستان جي پرامن ۽ روشن مستقبل جو ضامن آهي. صحافين سان ڳالهائيندي عثمان بوزدار چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نئون پاڪستان خود مختيار، معاشي طور مضبوط ۽ خوشحال هوندو. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ سڌارن لاءِ رات ڏينهن ڪم جاري آهي، 100 ڏينهن جي ايجنڊا تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *