چيف جسٽس منرل واٽر ڪمپنين طرفان زمين هيٺ پاڻي جي استعمال جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان منرل واٽر ڪمپنين طرفان زمين هيٺ پاڻي جي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪٽاس راج مندر کي پيش ماحولياتي مسئلن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته زمين مان پاڻي ڇڪيو پيو وڃي ۽ وڪڻيو پيو وڃي، پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون ڪا قيمت به ادا ڪري رهيون آهن يا نه؟ چيف جسٽس پاڪستان بوتلن ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين طرفان زمين هيٺ پاڻي جي استعمال واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو. جسٽس ثاقب نثار اٽارني جنرل ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلن کي هدايت ڪندي چيو ته ٻڌايو پاڻي وڪرو ڪندر ڪمپنيون ڪيترو پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن؟ رپورٽ شام تائين مل گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ان معاملي تي  وڌيڪ ٻڌڻي ڇنڇر تي لاهور ۾ ٿيندي ان ڪري ڪراچي جون ڪمپنيون به اُتي اچن. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڻي هان مفت نه ملندو، اهو سوني جي شئي بڻجي ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڪٽاس راج جي ڀرسان موجود سيمنٽ جي ٽن فيڪٽرين کي پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪيو ويو آهي.  ان تي چيف جسٽس چيو ته علائقي ۾ 12 فيڪٽريون آهن سڀني جا معاملا ڏسنداسين، ڪنهن هڪ کي ٽارگيٽ ناهي ڪرڻو، لوڪل گورنيمنٽ جي سيڪريٽري چيو ته سيمنٽ فيڪٽرين طرفان زمين هيٺ پاڻي جي استعمال جو فارمولو طئي ڪيو ويو آهي ۽ قيمت جي مقرري ڪرڻ باقي آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو ته پنجاب جو سموريون سيمنٽ فيڪٽرصيون پاڻي جي قيمت ادا ڪري رهيون آهن يا نه؟ پاڻي جي قيمت طئي ڪرڻ جي طريقيڪار بابت به رپورٽ ڏني وڃي. لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري طرفان هڪ مهيني جو ٽائيم گهرڻ تي چيف جسٽس شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هڪ مهينو ڇو ڏيون؟ جيڪڏهن توهان کان ڪم نٿو ٿئي ته گهر هليا وڃو، ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيو. عدالت ڪٽاس راج مندر جي چشمي جي خشڪ ٿيڻ واري معاملي تي تفصيلي رپورٽ به اڱاري تائين طلب ڪري ورتي جڏهن ته عدالت چڪوال جي علائقي ۾ قائم ٻين فيڪٽرين سبب زمين هيٺ پاڻي جي کو جو جائزو وٺڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 سيپمٽبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن سان گڏ هندن جي مقدس ڪٽاس راڄ جو دورو ڪيو. چيف جسٽس ۽ ججن کي لوڪل گورنيمنٽ ۽ اوقاف کاتي طرفان بريفنگ ڏني وئي.  جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته ان بربادي جو حل ٻڌايو جيڪا سيمنٽ فيڪٽرين ڪئي آهي ۽ ضلعي انتظاميا مون کي جواب ڏئي. چيف جسٽس ۽ ٻين ججن ڪٽاس راڄ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بد انتظامي تي سخت ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *