راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته نوجوان پنهنجي تعليمي معيار ۾ بهتري آڻن ۽ پاڻ سوال ڪن ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ ڇا ڪري ٿا سگهن. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو ڪيو جتي ليفٽيننٽ جنرل (ر) نويد زمان سندس استقبال ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نسٽ يونيورسٽي جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري کي ساراهيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته نسٽ پاڪستان جي بهترين ۽ ناليواري يونيورسٽي آهي، ڪوئيٽا کان پوءِ نسٽ يونيورسٽي جا ڪيپمس سڄي پاڪستان ۾ آهن جڏهن ته نسٽ اعليٰ معيار جا انجنيئرن ۽ اسڪالر تيار ڪري رهي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته نوجوان بهتري جي لاءِ ڪوشان آهن، نوجوان پنهنج تعليمي معيار ۾ بهتري آڻي ۽ نوجوان پان کان سوال ڪن ته پنهنجي ملڪ لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهن