مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني پاران سوڪ سينٽر جو دورو، سيڪريٽري سان ملاقات

ڪراچي( پ ر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سوڪ سينٽر جو اوچتو دورو ڪري سيڪريٽري ڪي ڊي اي فضيل بخاري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي سميع الدين  جي خصوصي حڪمن تي سيڪريٽري ڪي ڊي اي مڪاني کاتن واري صوبائي وزير کي اداري بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ادارو ڪراچي شهر ۾ قائم غيرقانوني اڏاوتن خلاف  آپريشن ۾ رڌل آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان شهر جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات بعد مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني پاران سوڪ سينٽر ۾ موجود مختلف آفيسن جو دورو ڪري حاضري رجسٽرڊ چيڪ ڪيا، پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي آفيس جي دورو ڪري دفتري معاملن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر اڪرم ستار پڻ موجود هو. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي پابند ڪيو ته آفيس وقت جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ غيرحاضر آفيسرن ۽ ملازمن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي. سعيد غني چيو ته گوسڙو ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو جڏهن ته  اداري کي فعال ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ  ضروري آهي ته  سمورا آفيسر توڙي ملازم پنهنجون ذميواريون درست نموني ادا ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *