وزير اعظم جي زير صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس: 9 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ 9 نقطن  تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته وفاق ۾ صحت واري وزارت نيشنل هيلٿ سروسز جي ماتحت ڪرڻ جي منظوري به ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪي ادارن ۾ ريگوليٽري نظام جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جي منظوري ۽ بورڊ آف انويسٽمنٽ جي نئين چيئرمين جي مقرري جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي پرڏيهي ملڪ ناڻي ۽ اثاثن لاءِ ريڪوري يونٽ جي قائم ڪرڻ جي منظوري، پاڪستان نيوي ايڪٽ 1961 ع ۾ ترميم ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *