پي ٽي آءِ حڪومت پاران نئين وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو ) تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪريو ورتو. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت مالي سال 19-2018 جي فنانس واري بل ۾ وڏيون ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت گذريل حڪومتي دور ۾ ٽيڪس مان ڇوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ پڻ ترميم ڪئي ويندي . ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت 12 لک رپين تائين سالياني آمدني وارن کي ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني هئي پر هاڻ وفاقي حڪومت ان حد کي گهٽ ڪري 8 لک تائين آڻيندي. ذريعن موجب فنانس ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي 800 ارب رپين جو واڌو ريونيو حاصل ڪيو ويندو، حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي جڏهن ته ايف بي آر ۾ ڪيترن ئي قدمن سان 400 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مالياتي بل ۾ ترميمن جو مقصد بجيٽ ۽ تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ آهي. ذريعن موجب حڪومت ٽيڪس ريونيو وڌائڻ لاءِ فنانس بل ۾ تجويزون پيش ڪندي جڏهن ته سمورين درآمدي شين تي هڪ سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي جي تجويز ڏني ويندي جنهن سان حڪومت کي خاطر خواهه آمدني حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب 14 سپٽمبر تي قومي اسمبلي جو اجلاس ان ئي سلسلي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، حڪومت ان اجلاس دوران ئي فنانس بل اسمبلي ۾ پيس ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *