لاهور( م ڊ ) پنجاب حڪومت نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. بيگم ڪلثوم نواز جي وفات بعد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر کي حڪومت 12 ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. ٽئي ڄڻا اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ٿيڻ بعد نور خان ايئربيس کان خاص اُڏام ذريعي رات اڍائي وڳي لاهور پهتا. جڏهن ته شريف خاندان طرفان آخري رسمن تائين 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزادي جي درخواست ڏني وئي هئي. پنجاب جي گهرو وزارت موجب نواز شريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي پيرول ۾ تي آزادي ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي. گهرو وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ڪلثوم نواز جو مڙهه پاڪستان آڻڻ ۾ ڪنهن دير تي پيرول ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته پيرول جي وڌايل مدو اڄ رات 12 وڳي کان شروع ٿيندو. پنجاب جي گهرو وزارت جاتي امرا کي سب جيل قرار ڏيڻ ورين اطلاعن جي پڻ ترديد ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪلثوم نواز جو مڙس ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا يافته آهن ۽ 13 جولائي کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. شريف خاندان طرفان آخري رسمن تائين 5 ڏينهن لاءِ ٽنهي ڄڻن کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گذريل ڏينهن بيگم ڪلثوم نواز جي وفات بعد شهباز شريف سميت خاندان جا ٻيا فرد اڊيالا جيل پهتا ۽ چئن ڪلاڪن تائين نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر سان ملاقات ڪئي هئي. نور خان ايئربيس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هن وقت تمام گهڻي تڪليف ۾ آهيان ڏک آهي ته آخري وقت ۾ امڙ سان گڏ نه هئس. پنهنجي امڙ جو ذڪر ڪندي مريم نواز ڳوڙها ڳاريندي چيوته امڙ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ ڏينهن انتهائي تڪليف گذريو.ان سان گڏ ئي هن قوم کي اپيل ڪئي ته سندس امڙ درجا بلندي لاءِ دعا ڪري. پنهنجي اڳواڻن جي استقبال لاءِ مسلم ليگ ن جا ڪيترائي اڳواڻ ايئرپورٽ پهتا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءَ الله چيو ته پيرول تي آزادي نواز شريف جو بنيادي ۽ قانوني حق آهي، ضروري هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز آخري ڏهاڙن ۾ ڪلثوم نواز سان گڏ هجن ها. هي اهڙو ڏک آهي جو سڄي زندگي مٽجي نٿو سگهي. لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي جناز نماز اڄ ظهر جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي. سندس مڙهه لنڊن کان ريجنٽ پارڪ ڀرسان قائم مسجد جي سر خاني ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي گهرواري ڦڦڙن جي ڪينسر جا جهيڙيندي 68 ورهين جي ڄمار ۾ گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ دم ڏنو. سندس تدفين جمع تي جاتي امرا ۾ ڪئي ويندي