اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم جي اجازت به ڏئي ڇڏينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ چڪ شهزاد ايگري فارم هائوس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فنڊ سپريم ڪورٽ جي نالي تي آهي، ان جي نالي تي ڪير قبضو نٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ جا نالا تبديل نه ڪرڻ ڏيندي، ڊيم فنڊ جي ضامن سپريم ڪورٽ آهي، فنڊ تي ڪنهن کي قبضي جي اجازت نه ڏينداسين.