ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ ٻن مهينن تائين ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي وفاقي ٽيڪس تي شڪ شبهي کانپوءِ ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو پراڻي نظام تحت ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. صوبائي بورڊ آف روينيو جي سينيئر آفيسرن موجب وفاقي ٽيڪس تي شڪ شبهن سبب ٻن مهينن تائين وفاقي ٽيڪس جي مد ۾ لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا ڪليڪشن نه ٿي سگهي، جڏهن ته ملڪيتن جي مائيڪرو فلمنگ جو ڪم به وڏي حد تائين متاثر رهيو. روينيو بورڊ جي سينيئر اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته هاڻ اصل قيمت تي ٽيڪس وٺڻ تي عمل نه ٿيڻ ۽ ايف بي آر جي وضاحت کانپوءِ ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي ڪم جي شروعات پراڻي طريقي سان ڪئي وئي آهي. اختيارين ٻڌايو ته نان فائلر تي ملڪيت جي خريداري تي پابندي برقرار رهندي، جڏهن ته فائلر ۽ نان فائلر ۾ فرق برقرار رکيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ناڻي ۾ اربين رپيا نه اچڻ سبب في الحال پراڻي طريقي سان ملڪيت جي خريداري ۽ وڪري جي اجازت ڏني وئي آهي.27