لنڊن/لاهور/راولپنڊي (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي زال بيگم ڪلثوم نواز لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويئي تفصيلموجب ڪينسر جي بيماري ۾وڪوڙيل بيگم ڪلثوم نواز کي گذريل رات طبيعت خراب ٿيڻ تي ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو جڏهن ته هو اڱاري جي صبح لاڏاڻو ڪري ويئي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ننڍي ڀاءُ شهبازشريف ۽ سندس پٽ حسين نواز بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي اڳوڻي وزيراعليٰ ميان شهبازشريف چيو ته منهنجي ڀاڄائي ۽ نوازشريف جي زال ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري ويئي شهبازشريف جو چوڻ هو ته هو پهرين فلائيٽ ذريعي لنڊن روانو ٿيندو خانداني ذريعن مطابق ڪلثوم نواز کي پاڪستان ۾ ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ۽ جيئن ئي لنڊن ۾ مئجسٽريٽ کان ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ملندو مڙهه وطن آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي وزراعظم ميان نوازشريف کي سندس زال جي لاڏاڻي کان اڍيالا جيل ۾ آگاهه ڪيو ويو جنهن کان پوءِ محمد نوازشريف مريم نواز ۽ صفدر کي هڪ ئي ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويو آهي بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر تي نوازشريف مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر غمگين ٿي ويا واضح رهي ته بيگم ڪلثوم نواز کي آگست 2017 ۾ ڳلي ۾ ڪينسر ظاهر ٿي هئي جنهن جي علاج لاءِ هو لنڊن ۾ موجود هئي جتي ان جون ڪيتريون ئي ڪيموٿراپي ٿي چڪيون هيون بيگم ڪلثوم نواز 1950 ۾ ڊآڪٽر محمد حفيظ جي گهر ۾ ڄائي هو رستم زمان گاما پهلواڻ جي ڏهٽي هئي اپريل 1971 ۾ سندس اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف سان شادي ٿي بيگم ڪلثوم نواز کي 3 ڀيرا خاتون اول رهڻ جو اعزاز حاصل آهي هو قومي اسيمبلي جي ميمبر به رهي چڪي هئي.