اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فاٽا ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ گهربل فنڊن کان وڌيڪ وسيلا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم جي صدارت هيٺ فاٽا کي ضم ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قبيلائي علائقن کي ضم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ۽ انتظامي توڙي قانوني قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فاٽا انضمام ۽ قبيلائي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبيلائي رسمن ۽ رواجن کي نظر ۾ رکندي نئون نظام عمل جوڳو بڻايو ويندو ۽ نئون نظام لاڳو ڪرڻ ۾ قبيلائي عوام جو صلاح مشورو به يقيني بڻايو وڃي. عمران خان قبيلائي علائقن جي نوجوانن لاءِ روزگار فراهمي جا وڌيڪ موقعا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو خيال رکيو وڃي ته انتظامي قدمن جي نتيجي ۾ ڪو فرد بي روزگار نه ٿئي، قبيلائي علائقن لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ رکيل ڪوٽا به متاثر نه ٿئي. اجلاس ۾ وزيراعظم اڳوڻن قبيلائي علائقن ۾ لوڪل گورنمينٽ نظام لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اڳوڻن قبيلائي علائقن ۾ جلد کان جلد لوڪل گورنمينٽ سسٽم لاڳو ڪيو وڃي. عمران خان ضم ٿيندڙ قبيلائي علائقن ۾ صحت ۽ تعليم بهتر بڻائڻ، خاص طور تي انهن علائقن ۾ ٻارڙين جا اسڪول بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته تڪڙي ۽ سستي انصاف لاءِ طريقي ڪار جلد واضح ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ گهربل فنڊن کان وڌيڪ وسيلا فراهم ڪنداسين ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ به فاٽا جي ترقياتي پيڪيج لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين.27