اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي اڏاوت تي خيرات وٺڻ جو چوڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم جي اڏاوت بابت ريمارڪس ڏنا ۽ چندو مهم تي تنقيد ڪندرن تي ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته خيرات گهري رهيا آهيون کين شرم اچڻ گهرجي اهڙي قسم جا الزام مڙهيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته مخالفن کي ٻيو ڪجهه نه مليو ته ڊيم جي اڏاوت تي مخالفت شروع ڪري ڇڏي ڪم ظرف ماڻهو آهن جيڪي اهڙي قسم جي سوچ رکن ٿا چيف جسٽس چيو ته اسان هي ڪم قومي جذبي تحت شروع ڪيو آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ خيرات گهرڻ نه آهي.