اسلام آباد ( بيورو ) شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي منتقلي جي معاملي تي چيف جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ هفتي ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اڃا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلي نه آيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترن ڏينهن ۾ تفصيلي فيصلو اچي ويندو. چيف جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ هفتي ۾ تفصيلي فيصلو جمع ڪرائي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.