وڏي وزير جي محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سيمت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محرم الحرام ۾ حفاظتي انتظامن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس دوران شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن تي به ڳالهايو ويو. وڏي وزير محرم الحرام دوران ضابطن کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سندس چوڻ هو ته روڊن جي صفائي سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي به يقيني بڻائي وڃي. رينجرز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ 8007 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، سيڪيورٽي پلان پوليس ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ٺاهيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ايسٽ سلطان خواجا چيو ته جلوسن جي نگراني لاءِ ڊرون ڪئميرائون به استعمال ٿينديون. حيدرآباد ڊويزن ۾ به سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪب آباد ۽ شڪارپور جهڙن حساس ضلعن ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا وڃن، هن ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي 12 محرم تائين پنهنجا علائقا نه ڇڏڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر حسين شاهه ۽ فياض ڏيري کي عالمن سان اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته هن سيڪيورٽي لاءِ حددخلين جي خاتمي واري فورس کي به مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.2

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *