سي پيڪ کي منجمد ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي هوندي: شهباز شريف

اسلام آباد( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ کي منجمد ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي هوندي، سي پيڪ گيم چئنجر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته گئس، بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو باقاعده ميڊيا تي اعلان ٿيو  هاڻي اي سي سي مان گئس جا اگهه ملتوي ٿيڻ جي خبر آئي آهي، توهان فيصلو ڪيو ته فيصلو ڪري پوئتي هٽڻ سان ڪهڙو تاثر ملندو. هن چيو ته  سي پيڪ سان پاڪستان کي وڏو فائدو ٿيندو ۽ ڪاروبار کي هٿي ملندي، سي پيڪ گيم چئنجر آهي، اها زيادتي نه ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته  سي پيڪ پاڪستان لاءِ الله جو تحفو آهي،  سي پيڪ منجمد ڪرڻ عوام سان زيادتي هوندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *