اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5600 هزار ميگا واٽ تائين پهچي چڪو آهي. تفصيل موجب توانائي واري وزارت طرفان انڪشاف ٿيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 6 سئو ميگا واٽ پهچي چڪو آهي، توانائي واري وزارت موجب سڄي ملڪ ۾ هن وقت بجلي جي ڪل طلب 24 هزار ميگا واٽ آهي جڏهن ته بجلي جي پيداوار 18 هزار 400 ميگا واٽ آهي. توانائي واري وزارت ٻڌايو ته ملڪ ۾ بجلي بڻائڻ جا مختلف ذريعا آهن جنهن ۾ پاڻي مان بجلي جي پيداوار 4 هزار 500 ميگا واٽ آهي ۽ سرڪاري بجلي گهر 6 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن جڏهن ته پرائيويٽ بجلي گهرن مان 7 هزار 2 سئو ميگا واٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي ۽ ٻين ذريعن مان 5 سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. شارٽ فال جي ڪري شهرن ۾ 4 کان 6 ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.