اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان ڳالهين جي خواهشمند آهي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۽ فوج ٻئي خطي ۾ امن لاءِ ڀارت سان ڳالهين جا خواهشمند آهن، وزيراعظم عمران خان طرفان ڀارتي حڪومت کي ان جا ڪيترائي اشارا به ڏنا ويا آهن، هن وزيراعظم ٿيندي ئي ڀارتي رانديگرن کي دعوت ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو ته نئين دهلي هڪ وک وڌائي ته اسان 2 وکون وڌائينداسين، هن ڀارت جي وزيراعظم سان ڳالهيون به ڪيون پر اڃا تائين هاڪاري جواب نه مليو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت جو مسئلو اهو آهي ته نريندر مودي جهڙي نموني پاڪستان مخالفت تي پنهنجي چونڊ مهم هلائي هاڻي بي جي پي ان سوچ ۾ ڦاٿل آهي ته ڪٿي پاڪستان طرف دوستي جو هٿ وڌائڻ سان سندن ووٽرن تي ڪو فرق نه پئجي وڃي. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي پرڏيهي پاليسي نواز شريف وانگر ناهي، اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آهي، جنهن ۾ سمورا ادرا هڪ صفحي ۽ هڪ سوچ تي جمع آهن، ماضي ۾ آمريڪا ۽ اولهه کي اها شڪايت هئي ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت الڳ الڳ ڳالهين ڪندي آهي پر هاڻي اها شڪايت ختم ٿي وئي آهي ۽ ادارا اسان سان گڏ آهن. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان ڀارت کي لاڳاپن ۾ بهتري جا جيڪا اشارا ڏنا آهن تنهن ۾ فوج جي مڪمل حمايت حاصل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف ٻئي سمجهن ٿا ته هڪ ملڪ اڪيلو ترقي نه ٿو ڪري سگهي پر خطا ترقي ڪندا آهن ۽ ٻئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن خطي ۾ مڪمل امن نه ٿيندو ته سڀ پوئتي رهجي ويندا. هن چيو ته عمران خان ڪنهن به ٻئي وزيراعظم جي ڀيٽ ۾ افغانستان ۽ پشتون ڪلچر کي وڌيڪ سمجهي ٿو جيڪو سندس مقبوليت ۾ ڪافي مددگار سگهي ٿو، وزيراعظم سمجهي ٿو ته افغانستان مسئلي جو حل فوجي نه سياسي هئڻ گهرجي ۽ آمريڪا ۾ به اها ئي سوچ پيدا ٿي آهي جيڪا مددگار ثابت ٿيندي. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو پهريون ئي پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي پر لڳي ٿو ته مخالف ڌر پنهنجي مطالبي ۾ سنجيده ناهي ۽ اها پورو زور نه ڏئي رهي آهي.