وزير اعظم جي ڊيمن لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کان هڪ هزار ڊالر فنڊ جي اپيل

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ڊيم بڻائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ڊالر موڪلڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ قوم کي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪٿي به پاڪستاني رهندا آهن ان ڊيم ۾ فنڊ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏين. هن ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار کي آبي ذخيرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو وزير اعظم ۽ چيف جسٽس جو فنڊ گڏ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 80 کان 90 لک پاڪستاني پرڏيهه ۾ آهن، جيڪڏهن سڀئي هڪ هڪ ڊالر به موڪلين ته اسان وٽ ٻن ڊيمن جيترا پيسا ٿي ويندا جڏهن ته قرض ادا ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته اسان پيسا نه هئڻ جي ڪري ڊيمن ناهيو بڻائي سگهندا. جيڪڏهن پيسا هجن ها ته پنج سالن ۾ ڊيم بڻجي وڃي ها.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *