جتي غير قانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي: سعيد غني

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اڄ صبح لياري جي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو اوچتو دورو ڪيو جتي آفيس ۾  ڊي جي صاحب به نه هو.  هن چيو ته ڊي جي عبدالعزيز ميمڻ وٽ 9 چارج آهن، جاچ ڪندس ته گورنمنٽ عهدو ڏنو آهي يا هو پاڻ سنڀالي ويٺو اهي، قانون ۽ عدالتي دائري ۾ رهندي فيصلو ڪندس. سعيد غني چيو ته جتي غير قانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جتي به قبضا ٿيا ان ۾ ڪوتاهي ادارن جي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي ۽ شهر ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جلد ممڪن بڻائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *