جيڪب آباد (ڊ…ر) جيڪب آباد ضلعي جي شهر ڳڙهي خيرولڳ پيارجي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙي جي معاملي تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي.تفصيل موجب: محمدپورٿاڻي جي حد ڳوٺ متارو خان جکراڻي ۾ آصف علي جکراڻي پنهنجي ئي برادري جي نوجوان ڇوڪري کي پيارجي پرڻي لاءِ گھران ڪڍي ويو. جنهن جي واپسي لاءِ ڇوڪري جي وارثن پاران آصف جکراڻي جي وارثن تي زور رکيو. آصف جکراڻي جي وارثن ڇوڪري علائقي جي بااثر وٽ امانت طور ڇڏي. جنهن تان ناراض ٿي گذريل ڏينهن ڇوڪري جي ڌر وارا هٿياربند ٿي آصف جکراڻي جي ڳوٺ تي حملو ڪيو.هٿياربندن جي نتيجي جي ۾ آصف جکراڻي جو سوٽ نادرعلي ولد بالاڇ خان جکراڻي مارجي ويو. جڏهن ته حملو ڪندڙن مان هڪ ڄڻو ڪيوڙو جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو. مارجي ويل نادرعلي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي خيرو اسپتال آندو ويو. جتي قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيوويو. زخمي ٿيل ڪيوڙو جکراڻي کي علاج لاءِ جيڪب آباد نيوويو.جتان کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪيوويو. زخمي کي ايمبولينس ذريعي جيڪب آباد کان لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته ڊکڻ ڀرسان نادرعلي جکراڻي جي ڌر وارا هٿياربنداڳ ۾ تاڙ لڳايو ويٺا هئا. ايمبولينس کي ڏسندي کي ئي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند ٻاهر نڪري آيا. هنن ايمبولينس کي جھلي ڊرائيور کي لاهي باقي ايمبولنيس ۾ زخمي پيل ڪيوڙو،عبدالرحيم، بادل ۽ حبيب الله جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته زخمي سان گڏآيل سندس ڀيڻ رازل جکراڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو. هٿياربند چئن ئي ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد ڊي ايس پي دائوجهانپور محمديوسف بروهي ۽ ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو منظوراحمد جوکيو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا. پوليس علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس هن وقت علائقي ۾ ڪرائي ڇڏيو آهي