پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ گڏيل مفادن کي ڏسڻو پوندو:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان سان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ملاقات وزير اعظم هائوس ۾ ڪئي. وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ٻيون اختياريون به موجود هيون جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان گڏ جنرل جوزف ڊنفورڊ ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪا جو خاص صلاحڪار زلمي خليل زاده به ملاقات ۾ موجود هو. ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ افغانستان ۾ امن عمل بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.. ان کان اڳ پرڏيهي پرڏيهي شاهه محمود قريشي ۽ مائيڪ پومپيو جي وچ ۾ پرڏيهي کاتي ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي وفد ۾ آمريڪي فوج جو جنرل جنرل ڊنفورڊ ۽ افغانستان جي لاءِ خاص صلاحڪار زلمي خليل زاده به شريڪ هو. پرڏيهي کاتي ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ مائيڪ پومپيو آمريڪي وفد جي نمائندگي ڪئي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ٿيل ڳالهيون 30 منٽن تائين جاري رهيون. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته آمريڪا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان ” ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان طرفان به ڀرپور موقف اختيار ڪيو. پاڪستان جو چوڻ هو ته پاڪ آمريڪا لڳاپن ۾ گڏيل مفادن کي ڏسڻو پوندو، پاڪستان رڳو آمريڪي مفادن جي لاءِ نه جهڪندو. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جو جهاز نور خان ايئر بيس پهتو ته پرڏيهي کاتي جي اختيارين سندس استقبال ڪيو جڏهن ته آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف جنرل ڊنفورڊ الڳ جهاز ۾ اسلام آباد پهتو. آمريڪي پرڏيهي وزير جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات جو امڪان آهي جڏهن ته هو پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو. پاڪستان جي لاءِ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو خواهش جو اظهار ڪيو ته افغانستان ۾ ثالثي لاءِ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪري. گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان جو سهڪار نه مليو ته جيڪو ٿيندو اُهو جنرل نڪلسن ۽ جنرل ملر بتائي سگهن ٿا. امداد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڳالهائيندي مائيڪ پومپيو چيو ته پاڪستان کيپهرين ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته کيس رقم نه ملندي ۽ رقم نه ڏيڻ جو سبب به ٻڌايو ويو هو. آمريڪي پرڏيهي وزير وضاحت ڪئي ته سبب واضح آهي ته اسان اڳڀرائي نٿا ڏسي سگهون جيڪا پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو چيو ته اسنا وسيلا اُن وقت فراهم ڪري رهيا هئاسين جڏهن ان جو منطق هو،.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *