عمران اسماعيل جو عوام لاءِ گورنر هائوس جا دَر کولڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل عوام لاءِ گورنر هائوس جا دَر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته 16 سيپٽمبر تي گورنر هائوس جا دَر کوليا ويندا ۽ شهري گورنر هائوس جي پارڪ ۾ گهمي سگهندا. سندس چوڻ هو ته گورنر هائوس جي عمارت تاريخي آهي ۽ اتي ناياب شيون موجود آهن، شهري گيٽ نمبر هڪ کان سڃاڻپ بعد گورنر هائوس ۾ داخل ٿي سگهندا. هن چيو ته مان گورنر هائوس جا رڳو ٻه ڪمرا ۽ هڪ گاڏي استعمال ڪري رهيو آهيان، اڳ گورنر جي پروٽوڪول ۾ 40 گاڏيون هونديون هيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *