نندي پور ڪرپشن ڪيس؛بابر اعواڻ وزيراعظم جي صلاحڪاري تان مستعفي

اسلام آباد(بيورو) نيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزير اعظ۾ جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ جي خلاف نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن جي ريفرنس داخل ڪري ڇڏي. قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ جي خلاف نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ دير تي اڳوڻي قانون ۽ انصاف واري وزير طور ڪرپشن جي ريفرنس داخل ڪئي وئي آهي. نيب موجب اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري وزير طور به بابر اعواڻ سان گڏ ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.  نيب راولپنڊي جي آفيسر عاصمه چوڌري احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو. اڳوڻي قانون واري سيڪريٽري مسعود چشتي، جسٽس (ر) رياض اڳوڻي قانون واري سيڪريٽري طور، اڳوڻ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر رياض، اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري سيڪٽري شاهد رفيق ۽ اڳوڻي ريسرچ ڪنسلٽنٽ شمائلا محمود کي به ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. نيب موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 2011 ۾ نندي پور ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي، ڪميشن جي سربراهي رحمت حسين جعفري کي ڏني وئي هئي ۽ ڪميشن کي نندي پور منصوبي جي دير جا سبب ڄاڻڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي. نيب اختيارين ٻڌايو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي نندي پور پاور پراجيڪٽ جي منظوري ڏني هئي، منصوبي جي منظوري 329 ملين ڊالر جي لاڳت سان ڪئي وئي ۽ منظوري بعد منصوبي جو ڪنٽريڪٽ 28 جنوري 2008  تي ڪيو ويو، ڪنٽريڪٽ نادرن پاور جنريشن ۽ ڊانگ فينگ اليڪٽرڪ ڪارپوريشن چائنا جي وچ ۾ ٿيو جڏهن ته منصوبي جي دير سبب 27929.94 ملين رپين جو نقصان ٿيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *