اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي نئين چونڊيل صدر عارف علوي چيو آهي ته ڪاميابيءَ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿو، عمران خان جو ٿورائتو آهيان جو هن وڏي ذميواري لاءِ نامزد ڪيو، دعا ڪيان ٿو ته الله منهنجي مدد ڪري. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته چونڊجڻ کانپوءِ رڳو پي ٽي آءِ نه پر سڄي ملڪ جو صدر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندس، سڄي قوم ۽ سمورين جماعتن جو صدر آهيان، هر پارٽي جو مون تي هڪ جهڙو ئي حق آهي. سندس چوڻ هو ته قوم جنهن انداز ۾ جاڳي آهي اها ڪرپشن جو خاتمو چاهي ٿي، هر ماڻهو جي دَر تي انصاف پهچڻ گهرجي، بيمار جو علاج ٿيڻ گهرجي، بيروزگارن کي روزي ملڻ گهرجي ۽ اسڪولن کان ٻاهر ڪروڙين ٻارن کي تعليم ملڻ گهرجي، اهي سڀ واعدا آئين ڪري ٿو ۽ آئين تحت صدر به واعدو ڪري ٿو. عارف علوي چيو ته ڪاميابي ۾ منهنجو ڪو ڪمال ناهي، اهو ورهين کان جدوجهد ڪندڙ منهنجي ساٿين جو ڪمال آهي، سڀني ووٽرن جو ٿورائتو آهيان، جن تحريڪ انصاف کي سپورٽ ڪيو. هن چيو مان دعا ڪيان ٿو ته 5 سالن دوران غريبن جي قسمت تبديل ٿي وڃي، انهن جي تَن تي ڪپڙو هجي، مٿي تي ڇت هجي ۽ روزگار هجي