ڪراچي(م ڊ) سنڌ ڪابينا شهر ۾ موجو سموريون اوور هيڊ ڪيبلز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا مڪاني ادارن واري سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪنمدي چيو ته ڪراچي شهر ۾ اوور هيڊ ڪيبل ختم ڪرڻ جي لاءِ بندوبست ڪيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي اجلاس دوران ڪي اليڪٽرڪ جي تار سبب معذور ٿيل ٻار کي مصنوعي ٻانهن لڳائڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته مصنوعي هٿ لڳائڻ وارن ادارن ۽ ماهر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو، آئون ان ٻار کي معذوري کان بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين ويندس، جڏهن ته مون کي مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ٻار جلد صحتياب ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ سنڌ ڪابينا اجلس ۾ سرڪاري اسپتالن جي لاءِ دوائون خريدڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي وارين عدالتن جي 2 ججن ۽ سنڌ بينڪ جي صدر طارق احسن جي ملازمت واري مدي ۾ هڪ هڪ سال واڌ جي منظوري به ڏني. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪابينا بجلي جي تارن جي ڪري ٻار جون ٻانهون ڪٽڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ معذور ٻارن جو علاج حڪومتي خرچ تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي