ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته هر صوبي کي بنيادي حق ڏيڻ وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ۾ سهڪار وڌايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي حقن جو خيال رکيو وڃي، وفاق سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڪٿي ڪٿي رنڊڪون اينديون پر قانون ۽ آئين موجب حل ڪنداسين ۽ صوبائي مقررين ۽ بدلين بابت قانون موجب آهي