ڪراچي (م ڊ) آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردياڻي کي پروفيسر طرفان هراسان ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. يونيورسٽي جي انگلش شعبي ۾ پڙهندڙ فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانا جمالي گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو هو ته انگلش ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر عامر علي خٽڪ 5 مهينن کان مون کي هراسان ڪري رهيو آهي ۽ موبائل نمبر گهري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيل ويڊيو ۾ فرزانا جمالي الزام هنيو هو ته جڏهن مان پروفيسر طرفان هراسان ڪرڻ جي ڳالهه پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي ته ان وائيس چانسلر سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڳ ۾ ته هن ملڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ منهنجي پيءُ کي چيو ته ان معاملي کي اتي ئي دٻائي ڇڏيو. شاگردياڻي جو چوڻ ته وائيس چانسلر کي دانهن ڏيڻ تي منهنجي پيءُ اعجاز جمالي کي پوليس ذريعي گرفتار ڪرايو ويو. فرزانا جمالي انصاف جو مطالبو ڪندي چيو هو ته منهنجو تعليمي رڪارڊ سٺو آهي، مان ايف پي ايس سي جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڏني، جنهن ۾ 43 مان 10 اميدوار مَس پاس ٿيا، جن مان هڪ مان آهيان، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ منهنجي سيڪنڊ پوزيشن آهي. سندس چوڻ هو منهنجو مطالبو اهو آهي ته مون کي هراسان ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ منهنجي پيءُ خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر ڇو ڪٽرائي وئي آهي. شاگردياڻيءَ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. هوڏانهن يونيورسٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي دانهن تي 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.