ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي. اڳوڻو صدر ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جتي عدالت 20 لک رپين عوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي. ان کان اڳ بينڪ ڪورٽ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا جنهن تي آصف علي زرداري اسلام آباد ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي جنهن تي عدالت کيس 3 سپٽمبر تائين لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. بينڪ ڪورٽ آمد جي موقعي تي صحافي کائنس سوال ڪيو ته توهان هيلي ڪاپٽر ۾ ناهيو آيا جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته توهان ٿورو انتظار ڪيو مان هيلي ڪاپٽر ۾ واپس اچان ٿو. اڳوڻي صدر جي عدالت اچڻ کان اڳ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عدالت جو معائنو ڪيو جنهن بعد بينڪنگ ڪورٽ کي ڪلئير قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد، غني مجيد، حسين لوائي ۽ طحه رضا گرفتار آهن جڏهن ته آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپور ۽ انور مجيد جا 3 پٽ عبوري ضمانت تي آهن