لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عاطر محمود ۽ جسٽس شاهد جميل خان تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزائن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نيب قانون جو آرڊيننس اڳوڻي صدر پرويز مشرف جاري ڪيو پر 18 هين ترميم کانپوءِ ختم ٿي چڪو آهي، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندر شخص کي ان قانون تحت سزا ڏني وئي جيڪو ختم ٿي چڪو آهي. درخواستگذار ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي مرده قانون تحت سزا ڏني وئي تنهن ڪري عدالت نيب جي مئل قانون تحت ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏي. عدالت فيصلو ٻڌائيندي نيب آرڊيننس 1999ع کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ٽنهي شخصيتن کي سزائن خلاف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن.