سعيد احمد کي نيشنل بئنڪ جي صدارت تان هٽائڻ تي وفاقي سرڪار کان جواب طلب

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سعيد احمد کي نيشنل بئنڪ جي صدارت تان هٽائڻ لاءِ وفاقي سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اطهر من الله سعيد احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سعيد احمد  طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار ڪنٽريڪٽ ملازم آهي،ڪڏهن به قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي،  ڪا ڊپارٽمينٽل انڪوائري به منهنجي خلاف التوا هيٺ ناهي، ڪو چارج فريم ٿيو ۽ نه وري شوڪاز ڪيو ويو، بنا ٻڌڻ جي معطلي غير قانوني آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته ناڻي واري سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏنو وڃي ۽ پهرين جنوري 2019ع تائين نيشنل بئنڪ جي صدر طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.  عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت طرفان وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، ناڻي، ڪابينا جي سيڪريٽري، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، نيشنل بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ اٽارني جنرل پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ٻڌڻي دوران اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا رڳو سعيد احمد جي معطلي جو آرڊر پاس ٿيو آهي، يا ڪو ٻيو آرڊر به آهي، وڪيل ٻڌايو ته ٻيو ڪو آرڊر پاس نه ٿيو آهي پر نئين نيشنل بئنڪ جي صدر جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي، نئين صدر جي مقرري جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني جنهن تي پريس ڪلپنگ موجود آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اخباري خبرن تي ته ڪو آرڊر پاس نه ٿو ڪري سگهجي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *