جيڪب آباد جي 2013 ۽ 2018 جي عام اليڪشن ۾ جيڪب آباد کي وفاقي ڪابينا ۾ نمائندگي نه ملي،عوام مايوسي

جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد جي 2013 ۽ 2018 جي عام اليڪشن ۾ جيڪب آباد کي وفاقي ڪابيبنه ۾ نمائندگي نه ملي. جڏهن ته ضلعي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي اسپيڪر قومي اسيمبلي، سينيٽ چيئرمين ۽ وفاقي وزيرن جا عهدا ڏنا ويا آهن. جيڪب آباد جي عوام عمران خان سان جيڪو واعدو ڪيو اهو نڀايو پر عمران خان جيڪب آباد کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هتان جو عوام عمران خان کان مايوس. خبر موجب 2013 ۽ 2018 جي عام اليڪشن کانپوءِ وفاقي ڪابينه ۾ جيڪب آباد کي نظرانداز ڪيو. جنهن ڪري جڪب آباد ضلعي جي عوام ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي. ۽ نئون پاڪستان ٺاهڻ جو عزم رکڻ وارو وزيراعظم عمران خان جڏهن ته 2018 جي عام اليڪشن دوران جيڪب آباد ۾ منعقد ڪيل جلسي ۾ عوام  جيڪو واعدو ڪيو انهيءَ کي نڀايو ۽ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه سمجهڻ واري ضلعي جيڪب آباد کي هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي سيٽ کي ڪلين سوئيپ ڪرڻ واري خواب کي رد ڪري ڇڏيو. پر عمران خان ان جي موٽ ۾ جيڪب آباد جي عوام کي سواءِ مايوسي کان ڪجهه به نه ڏنو. انهيءِ کان علاوه قومي اسيمبلي جي سيٽ تي محمد ميان سومرو کٽيو جيڪو 2013 ۾ نگران وزيراعظم ۽ سينيٽ چيئرمين به رهي چڪو آهي. جڏهن ته انهيءِ کان اڳ جيڪب آباد ضلعي کي وفاق ۾ نمائندگي ملندي رهي آهي. جنهن ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي عهدي تي الاهي بخش سومرو کي نمائندگي ملي هئي. انهيءِ کان علاوه وفاقي وزيرن ۾ مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ مير هزار خان بجاراڻي پڻ شامل آهن. پر تازو قومي اسيمبلي جي سيٽ تي کٽيل محمد ميان سومرو کي وفاق ۾ نمائندگي نه ڏيڻ تي ضلعي جيڪب آباد جو عوام عمران خان کان مايوس ٿي چڪو اهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *